تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** برڪت علي چوهاڻ **

برڪت علي چوهاڻ: برڪت علي چوهاڻ ولد حيدربخش چوهاڻ 20 اپريل 1938ع تي سيلاوٽ پاڙي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي گهران حاصل ڪئي. نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين، ان کانپوءِ ڊي. اي. اي (سول) ۾ ٽيڪنيڪي سَند حاصل ڪيائين. 10 سپيٽمبر 1965ع تي شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس. سنڌي، انگريزي، اردو، ڍاٽڪي، جيسلميري، راجستاني، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين جو وڏو ڄاڻو آهي. پنهنجي پيشي جي لحاظ سان هڪ سٺو انجنيئر آهي، هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن خصوصاً حيدرآباد کي پنهنجي ماهرانه صلاحيتن سان اڏاوت جي ميدان ۾ اسپتالن، اسڪولن، بنگلن ۽ ٻين رهائشي توڙي ڪمرشل جاين جا نقشا جوڙي، رونق بخشي آهي. ڪيترن ئي غير سرڪاري فلاحي ادارن سان به سندس تعلق رهيو آهي. هن جي ڪوششن سان صحافي ڪالوني ۽ لطيف آباد ۾ ٻارن لاءِ ”پلي پارڪ“ ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر ۾ ٻارن لاءِ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي. هي پنهنجي فلاحي مشن ۾ اڳڀرو ئي رهيو آهي. هن وقت صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي .....وڌيڪ پڙهو